ڪراچي ۾ برسات، مون سون جو نئون سلسلو شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهراه فيصل، ڪورنگي ۽ پورٽ قاسم سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات شروع ٿي وئي آهي. موسمياست کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي تي ڪڪر ڇائنيل رهندا، برسات وسائڻ وارو ڪڪرن جو سلسلو ڀارت ۾ موجود آهي ۽ سامونڊي هوائن سبب وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو ڪراچي ۾ جاري رهندو. اڳ ۾ چيو ويو هو ته 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ برسات ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو