سنڌ ۾ برسات جا راڱا، ڪرنٽ ۽ وڄ ڪرڻ سبب 22 فوت،ٿر ۾ جهمريو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات سبب ڪرنٽ لڳڻ، آسماني بجلي، گهرن جون چٿيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 22 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 12 ٻيا زخمي ٿيا آهن. اڱاري جي صبح تائين ڪراچي جي جناح ۽ سول اسپتال ۾ 9 لاش آندا ويا جن ۾ ٻار، نوجوان ۽ عورتون پڻ شامل آهن. جناح اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر سيمي جمالي موجب اڪثر ماڻهو بجلي جي تارڻ ۽ ٿنڀن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا. ڪراچي ۾ بارش جيڪا سج لٿي بعد بند ٿي، تنهن بجلي ۽ نيڪال جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو.ريلوي ٽريڪ تي به پاڻي بيهي رهيو آهي.

بلديات جي وزير سعيد غني موجب ٽريفڪ معمول مطاب هلي پئي پاڻي جي نيڪال سبب پريشاني آهي شهرين کي ان جو انتظام ڪريون پيا. موسميات کاتي جي سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ ڪالهه 69.5 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ٿي ۽ 24 ڪلاڪن تائين بارش جو امڪان موجود آهي. هو ڏانهن حيدرآباد م زندگي بري طرح متاثر آهي، قاسم آباد، لطيف آباد، اسٽيشن روڊ ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، واسا پاران شهري بوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي، بجلي جي بحران سبب پاڻي ڪڍڻ ۾ مشڪل آهي جنريٽر هلائي ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، راڻي باغ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل، جانورن جي پڃرن ۾ به پاڻي آهي، تفريح لاءِ راڻي باغ ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. بدين جي مختلف علائقن ۾ مسلسل 16 ڪلاڪ بارش سبب ٽنڊو باگو، پنگريو، نندو، کڏهڙو، غلام شاه موري، ۽ ٻين علائقن ۾ فصل پاڻي هيٺ، گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا.

ماتلي ۾ مراد شاخ کي گهارا پئجي ويا آهن سارين ۽ ٽماٽي جو ٻيجارو ٻڏي ويو، وونئڻن جو فصل به پاڻي هيٺ آهي. وڄ ڪرڻ سبب ماتلي ۽ مسڻ ۾ ٻه ٻه ڄڻا فوت، ٽنڊو الله يا، رڪن ٻرڙو، ڍورو نارو، سنجهورو ۽ ٻانڌي ۾ هڪ هڪ فوت ٿيا آهن. پڊعيدن ويجهو ڳوٺ ميهر خاصخيلي ۾ ڇت ڪرڻ سبب دادن لاشاري فوت ٿيو، پنو عاقل ۾ بارش سبب موٽر سائيڪل ترڪڻ سبب جانورن جو ڊاڪٽر عبدلل شيخ فوت ٿي ويو. ٿرپارڪر ۾ حد کان وڌيڪ ۾انهو خوش آهن، دهل وڄائي جهمريون هنيون ويون.

مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏاهلي، ڏيپلو. چيلهار، سميت اڪثر علائقن ۾ ماروئڙن موجون ملهايون، گڊي پٽ تي ٻارڙن برسات ۾ ڀڄڻ ڪري ٺينگ ٽپا ڏيندي واري جا گهرڙا ٺاهي مستي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو