ڪراچي کان لاهور تائين گيس پائپ لائن جو معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي پورٽ قاسم کان لاهور تائين 1100 ڪلوميٽر گيس پائپ لائن وڇائڻ تي پاڪستان ۽ روس معاهدي تي صحيحن ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي توانائي واري وزير حماد اظهر جي موجودگي ۾ پيٽروليم جي سيڪريٽري ارشد محمود ۽ روس جي توانائي واري وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اليگزينڊر تولپاروف صحيحون ڪيون. اڍائي کان ٽي ارب ڊالر جي لاڳت سان هي منصوبو 2013 ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن 74 سيڪڙو فنڊز روس ۽ 26 سيڪڙو پاڪستان بندوبست ڪندو. روس کي 18 سيڪڙو وياج ملندو. منصوبي جي سار سنڀار سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ذميواري هوندي ۽ رٿا ۾ ڪنٽرولنگ شيئر يعني 51 سيڪڙو پاڪستان جا هوندا. 56 انچ جي هي گيس پائپ لائن جنهن کي ڏکڻ اتر پائپ لائن به سڏيو ويندو آهي پنجاب، ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگلت جي ايندڙ 35 کان 40 سالن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو