برسات سٽيل علائقن کي آفت زده قرار ڏيڻ لاءِ سروي جو حڪم

ڪراچي (نمائندن وٽان) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سجاول سم نالي جو جائزو ورتو ۽ برسات سبب ٿيل تباهي جو معائنو ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سخت متاثر ٿيل علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثرن جي مدد ڪنداسين. ان باري ۾ مڪمل جائزو ورتو پيو وڃي ۽ امدادي پيڪيج ڏنو ويندو. وڏي وزير کي لانگ بوٽ ۽ رين ڪوٽ پاتل هو، هن چيو ظاهر آهي ته برسات ۾ نڪرڻ منهنجو فرض آهي. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته سنڌ جو عوام اسان سان گڏ آهي ۽ ڪنهن کي به طاقت ناهي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري. ان کان اڳ هن ملير، گهارو ۽ ٺٽو ۾ برسات جي تباهين جو جائزو ورتو، مختلف جاين تي انتظاميا طرفان وڏي وزير کي نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملير ندي ۾ قبضن سبب برساتن دوران گهڻو نقصان ٿيو، مُک رستن تان فوري طور پاڻي نيڪال ڪيو آهي، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت ۽ ڪابينا کي آهي، بلدياتي ادارن جو آئيني مُدو پورو ٿي رهيو آهي، نين حدبندين کانپوءِ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي بهتر آهي، شاهراهه فيصل تي پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، جتي به پاڻي هوندو اُتي انتظاميه پهچي ويندي، جتي پاڻي بيٺل آهي انهن کي نيڪال ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته برسات تمام گهڻي آهي ٿي آهي، جن جا گهر ۽ فصل متاثر ٿيا آهن انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ سخت متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي انهن جي مالي مدد ڪئي ويندي. بدين مان ڄام سھيل سمون  موجب تازين برساتن ۾ بدين ضلع ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ بدين شھر سميت پاڻي هيٺ آيل آس پاس جي شھرن جو جائزو وٺڻ لاء وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ اربع جي ڏينهن بدين پهتو ته ضلعي انتظاميا ۽ بدين جي چونڊيل نمائندن پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاء بغير شيڊول جي ان جي معاون خصوصي جي بنگلي تي وٺي ويا جتي وزير اعلي کي سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي جي بريفنگ ڏئي شيڊول جي مطابق نه فقط شھر جي دوري جو پروگرام ملتوي ڪرايو ويو پر سرڪٽ ھائوس بدين ۾ صحافين سان بريفنگ جو پروگرام اچانڪ ملتوي ڪيو ويو جڏهن پروگرام جي تبديلي جي معلومات صحافين تائين پھتي ته بدين جا سمورا صحافي ڊي سي چوڪ تي پھچي ويا جتي صحافين وزير اعلي سنڌ سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ لاء ٽي وي چينلز جا لوگوز لوڏي وزير اعلي سنڌ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزير اعلي  نه بيٺو ۽ بدين کان مٺي طرف روانو ٿي ويو۔ وزير اعلي جي دوري جي موقعي تي شھر جا سمورا داخلي رستا بند ڪيا ويا هئا۔ بدين جي صحافين پاران ضلعي انتظاميا ۽ بدين مان چونڊيل ميمبر پارليمينٽ ۽ وزيرن مشيرن جي اهڙي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو