ڪراچي پيڪج شعبده بازي ۽ پوائنٽ اسڪورنگ آهي،حافظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته تازين برساتن حڪومتي ڪارڪردگي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، 1113 ارب رپين جو پيڪيج سياسي شعبدي بازي ۽ پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪل ترقياتي بجيٽ 650 ارب آهي جنهن ۾ ڪراچي لاءِ 18 ارب روپيا رکيا ويا آهن، وڏي عهدي تي ويٺل قوم جي سامهون وڏا وڏا ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهن. هن چيو ته ڪي ايم سي کي چئن سالن ۾ 52 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ۽ ڊيم ايم سيز کي 62 ارب رپيا مليا، انهن جو حساب ڪير ڏيندو؟ حافظ نعيم الرحمان ڪراچي جي حقن لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 27 سيپٽمبر تي ايم اي جناح روڊ تي مارچ ڪيو ويندو. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته ڪراچي ۾ شفاف، آزاداڻي ۽ منصفاڻي بلدياتي چونڊ ڪرائي وڃي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي قومي تحويل ۾ وٺي 15 سالن جي فارينزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو