ڪراچي واسي ويساهه گهاتيون ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندا، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وفاق جون سنڌ سان زيادتيون جاري آهن، وفاقي سرڪار سنڌ جي 16 هزار نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي هاڻي تبديل ٿئي پيو، هاڻي ڪراچي واسي ماضي ۾ ويساهه گهاتيون ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندا، پ پ حڪومت محدود وسيلن باوجود ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت روزگار ڏيڻ بدران کسي رهي آهي. هن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اوچتا دورا ڪيا، بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪلفٽن ۽ شاهراهه فيصل کانپوءِ پي اي سي ايڇ ايس ۾ پاڻي جي نيڪال واري منصوبي جو معائنو، وڏو وزير مراد علي شاهه، بلديات کاتي جو وزير ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي به بلاول ڀٽو سان گڏ هئا، بلاول ڀٽو زرداري طرفان مختلف علائقن ۾ اوچتن دورن دوران عوامي مسئلن جو به جائزو ورتو، بلاول ڀٽو زرداري ڪڊني هل پارڪ ۾وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو به پوکيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پ پ چيئرمين جي سرپرائيز وِزٽ دوران وڏو وزير مراد علي شاهه گاڏي ڊرائيور ڪندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو