ڪراچي سمگل ٿيندڙ ساڍا 8 مڻ هيروئن هٿ، ڊرائيور گرفتار

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ايڪسائيز پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ساڍا 8 مڻ هيروئن هٿ ڪري ورتي آهي. بونير کان ڪراچي اسمگل ٿيندڙ ان هيروئن جي ماليت 5 ارب روپين جي لڳ ڀڳ آهي. اها ڳالهه ايڪسائيز کاتي جي ڊائريڪٽرسليم ڀٽو لطيفي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايڪسائيز پوليس ڪشمور جي انسپيڪٽر شمس الدين جي قيادت ۾ هڪ شڪي ٽرڪ نمبر سي 1416 مان تلاشي دوران ٻورين ۾ لڪايل 336 ڪلو گرام هيروئن برآمد ڪري ورتي. ظاھري طورتي اسلام آباد جا پرنٽ ٿيل گتن ساان ٽرڪ ڀريل ھئي جن جي ھيٺان ھيروئن لڪل ھئي۔ ھن وڌيڪ چيو ته  ايڪسايز پوليس ٽرڪ ڊرائيور جوابدار ساحل پٺاڻ نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنھنجو تعلق جلال آباد افغانستان سان آھي، جنھن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ به نه آھي. جوابدار تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته ايڪسائيز پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي۔ ھن آخر۾ چيو ته افغانستان جو پناھگير ٿي سنڌ اندر زھر ڦھيلائيندڙ جو ھڪ روپ ايڪسائيز پوليس ڪشمورپاران نروار ڪرڻ تي کين مبارڪ آباد ڏيان ٿو. ٻئي پاسي افواهه آهن ته ايڪسائيز پوليس ڊيل سبب مک جوابدار کي چڏي ڏنو ۽ هيروئن جو مقدار به گهٽ ظاهر ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو