ڪراچي حملو 10 فوت 3 زخمي، بي ايل اي ذميواري قبولي ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي بلڊنگ تي دهشتگردن جو حملو پوليس ۽ سيڪورٽي گارڊز ناڪام بڻائيندي 4 ئي حملو ڪندڙن کي ماري ڇڏيو. واقعي بعد پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ٻڌايو ته 8 منٽن م چئني دهشٿگردن کي ختم ڪيو ويو ۽ 26 منٽن ۾ پوري عمارت کي ڪليئر ڪيو ويو. ٻن دهشتگردن کي اڳ ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ٻن اڳتي وڌي پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي جيڪي پڻ مارجي ويا. بلوچستان لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ پاران سوشل ميڊيا تي ذميواري قبول ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته اسين جاچ ڪريون پيا.

پوليس موجب دهشتفردن وٽان ڪلاشنڪوف، ميگزين، هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيو بارودي مواد، ڀڳڙا ۽ کي پيتي جون شيون به مليون آهن جنهن مان لڳي ٿو هنن جو ارادو ڊگهي دير تائين مقابلو جاري رکڻ جو هو جيڪو پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي وي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس جا دستا پهتا ۽ فضائي نگراني به ڪئي وئي. جن بعد ۾ ڪليئرنس آپريشن ۾ حصو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو