ڪراچي جي 10 ٿاڻن جا ايس ايڇ او بدلي، نوان مقرر

ڪراچي(شهزاد مستوئي) سنڌ پوليس ڪراچي جي 10 ٿاڻن جا ايس ايڇ او بدلي ڪري نوان مقرر ڪيا آهن. انهن ٿاڻن تي اڳ ۾ انچارج مقرر ڪيل هئا. پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب خالد نديم بيگ شارع نورجهان، امتياز احمد بانڊي رضويه، ڪمال نسيم نيو ڪراچي، سيد رضوان حسين جوهر آباد، مظفر علي نارٿ ڪراچي، ولايت شاهه پاپوش نگر، حسيب الله شيخ سمن آباد، خواجا محمد سعيد گلبهار، سيد راشد شاهه خواجا اجمير نگري ۽ ڪامران اشعر کي بلال ڪالوني ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او تعينات ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو