ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو بجلي غائب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبي جي راڄڌاني جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات وسندي رهي جنهن سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي به ناهي. گذريل رات وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، سڀ کان وڌيڪ برسات ناظم آباد ۾ 24 ملي ميٽر، فيصل بيس تي 20، مسرور بيس تي 19، ڊفينس ۾ 17، گلشن حديد ۾ 16 ملي ميٽر جڏهن ته نارٿ ڪراچي ۾ 12 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن موسميات کاتي پاران ٽِون الرٽ جاري ڪيو ويو هو جنهن موجب ڪراچي سوڌو سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. خراب موسم جي ڪري ڪراچي جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي 3 آڪٽوبر تائين پابندي مڙهي وئي آهي جڏهن ته اڄ شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، ڪراچي يونيورسٽي جا امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن، تيز برساتن جي خدشي سبب اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جا اهلڪار ٻيڙين سان گڏ موجود آهن پر موسيات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان گهٽ ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو