ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور واپاري سراج قاسم تيلي دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج قاسم تيلي نمونيا سبب دبئي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي کيس دل جو دورو پيو.هو گذريل ٻن ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هو. سراج قاسم تيلي 17 مئي 1953ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن 1974ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس مان گريجوئيشن ڪيو. سراج قاسم تيلي ڪراچي چيمبر جو صدر به رهي چڪو هو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل مشهور واپاري سراج قاسم تيلي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو اهي ته رب پاڪ مرحوم جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. مرحوم ڪراچي جي واپاري برادري جو اهم ميمبر هو. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مرحوم جي خاندان ۽ واپاري برادري سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم سراج قاسم تيلي هڪ سٺو انسان ۽ بهترين دوست هو.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا