ڪراچي جا 3 اهم مسئلا مستقل بنياد تي حل ڪبا، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽن وڏن مسئلن تي گڏجي ڪم ڪنديون، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي سان گڏ حددخلين کي مڪمل طور هٽايو پيو وڃي، ڪچري ۽ نيڪال جي مسئلن کي به مستقل بُنيادن تي حل ڪيو ويندو، ڪراچي جي شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي وارو مسئلو به حل ڪيو ويندو.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين جو درد محسوس ڪريون ٿا.

هن چيو هو ته هو جلد ڪراچي ويندو ۽ وڏي وزير سان ملي مسئلن جي حل لاءِ اهم فيصلو ڪندو.  هوڏانهن صدر عارف علوي وفاقي حڪومت جي ان اعلان جو خير مقدم ڪيو آهي. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت وزيراعظم کي ڪراچي ۾ هڪ هفتي تائين ترسڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي کي سدائين سياسي بيانبازي ۽ الزامن جي نذر ڪيو ويو، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اختيارن ۽ اقتدار جي واويلا ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اختيار گهرڻ جو مطلب رڳو پئسو ڪمائڻ آهي، هر سال ڪراچي برسات ۾ ٻڏي وڃي ته فوج کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي، وزيراعظم کي تجويز آهي ته پاڻ هڪ هفتي تائين ڪراچي ۾ رهي ۽ صورتحال جو جائزو وٺي مسئلا پائيدار بنيادن تي حل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو