ڪترينا ڪيف جي ڊمپل وارن ڳٽن جهڙا روڊ ٺاهيو، ڀارتي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)راجسٿان جي وزير راجندر سنگهه گوڌا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هن سٺا روڊ ٺاهڻ لاءِ بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف جي ڊمپل وارن ڳٽن جو مثال ڏيندي چيو آهي انڊيا جا روڊ به ايئن هئڻ گهرجن. ڪترينا ڪيف جي هندوستاني ميڊيا تي شادي جا به چرچا آهن، هوءَ وڪي ڪوشال سان شادي پئي ڪري. سندس پراڻي دوست سلمان خان چيو آهي ته هو سندس شادي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.  راجندر سنگهه جي اها وڊيو ڀارتي نيوز ايجنسي اي اين آءِ شيئر ڪئي جنهن ۾ راجندر سنگهه عوام کي خطاب ڪري رهيو آهي جنهن دوران ماڻهن هن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقي جا روڊ جلد کان جلد مرمت ڪيا وڃن.عوام جي مطالبي تي ڀارتي وزير اتي موجود تعميراتي کاتي جي چيف انجنيئر کي مخاطب ٿيندي چيو ته روڊ ڪترينا ڪيف جي ڳٽن وانگر ٺهڻ گهرجن. جنهن تي پنڊال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. بهرحال اهو پهريون موقعو ناهي ته اداڪارن جا ڳٽا روڊن لاءِ مثال طور ڏنا ويا آهن، ان کان اڳ 2005 ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير لالو پرساد ياديو چيو هو ته بهار جي گهٽين کي به اداڪاره هيما مالاني جي ڳٽن وانگر ٺاهيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو