ڪترينا جي وڪي ڪوشل سان شادي طئي ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا، ڀارتي ميڊِيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻئي اداڪار ڊسمبر ۾ شادي ڪندا جڏهن ته ڪترينا ڪيف پنهنجي شادي تي معروف ڊيزائنر سبيا ساچي جو  وڳو پائيندي. رپورٽس ۾ هي به چيو ويو آهي ته ڪترينا اڄ ڪل پنهنجي شادي جا ڪپڙا پسند ڪرڻ ۾ مصروف آهي، پر هن وقت تائين وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جي طرفان پنهنجي شادي جي حوالي سان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو. ڀارتي ميڊِيا جي دعويٰ آهي ته اداڪاره ريشمي لباس پسند ڪيو آهي جنهن جو لهنگو ٺهندو، ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان ڪترينا ڪيف جي وڪي ڪوشل سان شادي جون خبرون هلي رهيون آهن، ميڊيا جي پڇڻ تي وڪي ڪوشل چيو هو ته جڏهن هو شادي ڪندو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو