ڪتا کسي ڪرڻ وارا 92 ڪروڙ ڪهڙا ڪتا کائي ويا؟ ابڙو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته لاڙڪاڻي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيرس چيو هو، ان پيرس جي هڪ گهٽي رتو ديرو ۾ 2200 ايڊز جا مريض آهن. اهڙو اظهار هن سينيٽ ۾ تقرير دوران ڪيو. ان تي پيپلز پارٽي وارن گوڙ ڪيو ته هن کين چيو ته اوهانجي بدمعاشي سنڌ ۾ آهي هتي اوهانکي بدمعاشي ڪرن نه ڏيندس. جيڪڏهن مونکي ڳالهائڻ نه ڏيندا ته اوهان به هتي ڳالهائي نه سگهندا. هن چيو ته لينار وفاقي حڪومت جو پروجيڪٽ آهي 1978 کان هلي پيو پر هن اسپتال ۾ ايم آر آئي مشين آهي نه ئي سي ٽي اسڪين مشين آهي. هتي سنڌ ۽ بلوچستان جا مريض اچن ٿا. هنن وٽ ڪتا کسي ڪرڻ لاءِ 92 ڪروڙ پيا آهن. اهي ڪتن جا پيسا به هي کائي ويا سنڌ ۾ ڪتا احتجاج پيا ڪن ته ڪهڙا ڪتا 92 ڪروڙ کائي ويا؟ لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نٿا ڏين. لاڙڪاڻو گند جو ڍير آهي پر فريد آباد ۾ سهيل انور سيال جو انور پيليس آهي 4 ارب روپين جو، جنهن ۾ هيلي پيڊ آهن، عوام جو پيسو ذاتي گهرن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اسين ڪيڏانهن وڃون. هنن سنڌ کي تباهه ڪيو آهي پر لاڙڪاڻي ۾ ئي ڪجهه ناهي ڪيو. هن رضا رباني، تاج حيدر ۽ مولا بخش چانڊيو کي چوان ٿو هلو گڏجي لاڙڪاڻي جو حال ڏسو. مولا بخش چانڊيو وت سايد پنهنجو گهر به نه هجي پر شرجيل ميمڻ جو راول پيليس ٽهيل آهي. المرتضيٰ هائوس ڏسو ۽ انور پيليس ۽ راول پيليس ڏسو ڇا شرجيل ۽ انور سيال شهيد ڀٽو کان وڌيڪ امير هئا.؟ جيستائين شهيد بينظير ڀٽو هئي ته لاڙڪاڻي ۾ ايڊز نه هئي جڏهن کان موجودو قيادت آئي آهي ته لاڙڪاڻو ايڊز ۾ مبتلا آهي. مان ميڊم ثانيا نشتر کي اپيل ٿو ڪريان ته رولز کي هيٺ مٿي ڪري انهن 2200 ايدز جي مريضن لاءِ هيلٿ ڪارد ڏينو سندن زندگي داءَ تي لڳل آهي. سنڌ حڪومت هڪ ارب روپيا رکيا بجيٽ ۾ پر پاڻ کائي ويا.  مان جهولي ٿو ڦهلايان انهن لاءِ وفاق مدد ڪري. ثانيا نشتر 40 لک ماڻهن کي احساس پروگرام هيٺ پيسا ڏنا انهن مان ساڍا 8 لک ماڻهن جا نالا خارج ڪيا ويا، جيڪو سندس ڪريڊٽ آهي. هن چيو ته نوابشاهه ۾ ڪينسر اسپتال آهي نوري اسپتال آهي اتي به مشين ناهي مان وفاقي حڪومت کي چوان ٿو لينار ۽ نوري اسپتال لاءِ مشينون ڏيو هڪ ارب جي لاڳت آهي پوءِ مريض ڪراچي نه ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو