ڪتاب خراب پيا ٿين پر ورهائجي نه سگهيا، تعليم متاثر

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) تعليم کاتي جي نااهلي سبب  اڪثر اسڪولن ۾  پهرين کان پنجين ڪلاس تائين درسي ڪتابن جي ورهاست اڌوري هئڻ سبب ٻن هفتن کان تعليم جو نظام درهم برهم بڻيل آهي. ٽي اي او ميل ۽ في ميل  مانجهند جا آفيسر وڏي عرصي کان ڊيوٽي تان غائب هئڻ سبب  آفيس گدامن ۾ ڪتابن جي بي حرمتي ڪري  کليل آسمان هيٺ رکيا ويا جن تي تيز مٽي جي طوفانن سبب مٽي چڙھڻ سبب خراب ٿي رهيا آھن پر انهن جي ورهاست نه ٿي سگهي جڏهن ته گدامن ۾ به وڏي انگ ۾ رکيل ڪتابن باوجود اسڪولن کي نه ملي سگهيا. مانجهند سن لاکا آمري لڪي شاه صدر ڪوريجا منظورآباد انڙپور ڪيمپس اسڪولن کي هڪ به ڪتاب نه ملي سگهيو جڏهن ته باقي اسڪولن کي به اڌورا ڪتاب ڏنا ويا ڪيترائي اهم سبجيڪٽن جا ڪتاب نه هئڻ سبب تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي ڪافي استادن ڪتابن لا۽ دانهڻ باوجود ڪتاب نه ملي سگهيا هتان جي ساڃاه وندن محمد عمر ابڙو محمد ملوڪ ٿيٻو محمد صديق ڳنڀير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي تعلقي مانجهند جي ڪامورن کي پابند ڪري اسٽاڪ ٿيل ڪتاب شاگردن تائين پهچايا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او ميل فدا حسين شاهاڻي ٻڌايو ته کين ڪتاب تمام گهٽ مليا آھن جنهن سبب ڪيترئي اسڪول رهجي ويا آھن ان لا۽ مٿي لکيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو