ڪاڇي ۾ وسڪارو، ڪجهه خوش ته ڪجهه پريشان

ڊرگھه بالا (محمد اسماعيل لانگاھ)کير ٿر جي پھاڙن تي سانوڻي جي پهرين تيز بارش پوڻ سبب نئين گاج 12 فوٽ وھي آئي. نئين گاج وھي اچڻ سبب ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾  ڍورن ۽ واهن مٿان پُلون ۽ موريون نه ھجڻ سبب محمد حسن گرماڻي. ٽٻائي لنڊ. فقير محمد لنڊ. پوٺو لنڊ. چاڪر ڪوٽ. ڪيٽي سجاول. واھي برادي. جيئنديرو چانڊيو. اسماعيل لغاري. جعفر خان لنڊ ۽ ڪاڇي جي ڪيترن ڳوٺن جو ھيڊ ڪواٽر دادو جوھي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.

Photo Sindhyar

رستا بند ٿيڻ سبب ڪاڇي واسي مريض ماڻھن کي اسپتال پھچائڻ مُشڪل بڻجي ويو. ٻئي طرف ڪاڇي  ۾ سخت گرمي سبب پيئڻ جي پاڻي جي بحران وارن علائقن ۾ نئين گاج جو اچڻ سبب خوشي جي لھر. ڪاڇي جي مالوند ماڻھن تلاء ڀرائي پاڻي جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو ڪاڇي ۾ هاري ۽ آبادگار زمينن کي فصلن جي پوکائي لاء ڀرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو