ڪاڇي ۾ وسڪارو، نئين گاج ۾ موج، ڏڪاريل ڏيهه ۾ خوشيون

ڊرگھه بالا(جي ايم لنڊ) ڪاڇي ۾ وسڪاريوني بعد کيرٿر جي پھاڙن تي برف پئجي وئي آهي. جنهن سان هڪ پاسي علائقي ۾ موسم خوش۾ برسات کانپوءِ ايگوزر ٿي آهي ته ٻئي پاسي ڀاڳين هر سنڀاري ورتا آهن ۽ مختلف فصلن جي پوکائي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.  نئين گاج به وهي آهي ۽ تقريبن نو فوٽ پاڻي آيو آهي. ڪاڇي جي آبادگارن ۽ مالوند ماڻهن ۾ خوشي جي لھر مال متاع لاء گاھ ڦٽندا ۽ گلزاري ٿيندي. نئين گاج ۾ پاڻي اچڻ کان پوء,ننڍا ننڍا واھ وڪڙ ڍورا وھي اچڻ کان پوء ڪاڇي ۾ ھلندڙ مسلسل ڪيترن سالن کان ڏڪار جهڙين حالتن ۾ ھن سال سڪار جون اميدون پيدا ٿيون آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ سخت گرمي بعد وسڪاري سبب شهري خوشي وچان جهومي پيا. شاهراهه فيصل، ڊفينس، ڪلفٽن، محمود آباد، محمد علي سوسائٽي، ملير، ايئرپورٽ، گلستان جوهر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪورنگي، اختر ڪالوني، ماڙيپور، صفوران ڳوٺ ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي، جنهن بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. برسات بعد شهرين سي ويو ۽ ٻين تفريحي ماڳن جو رخ ڪرڻ لڳا. ڪجهه علائقن ۾ بجلي بند.

پهنجو تبصرو موڪليو