ڪاڇي ۾ جوا جو مرض معصوم ٻارن تائين ڦھلجي ويو

ڊرگھ بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي ۾ جوا جو مرض وڌي ويو ڪرم بورڊ, تاش پتن سميت ٻين طريقن سان هلندڙ جوا ڪاڇي جي مختلف شهرن ڊرگھ بالا, حاجي خان, هيرو خان, مريد ديرو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وڏن کان معصوم ٻارن تائين ڦھلجي وئي پوليس رشوت عيوض ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ذريعن مطابق جوا جي اڏن تان وڏي رقم وٺڻ لاء پوليس ٿاڻن جون ڊيوٽيون لڳل خبر موجب ڊرگھ بالا شهر سميت ڪاڇي جي ٻين شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ جوا جي نسل سبب نوجوان نسل تباه تعليم پرائڻ بجاء برائي جي ڪمن ۾ مصروف , ڪرم بورڊ, سنوڪر, گيمز, تاش پتن, ٿائلينڊي نمبرن وسيلي هلندڙ جوا ماڻھن جا ويڙھا تباه ڪري ڇڏيا, ماڻھن معصوم نياڻيون جوا عيوض وڪڻي ڇڏيون معصوم ٻار برائي جي ڪمن مان پئسو ڪمائڻ لڳا جڏھن حد جي پوليس ٿاڻن جي انتظاميه کي نشي جي ننڊ, سماجي برائين خلاف ڪاروائين بجاء رشوت وٺڻ ۾ مصروف آهي جوا جي مرض وڌڻ کانپوء چوريون معمول بڻيل ايس ايس پي دادو ۽ آء جي سنڌ سوشل ميڊيا تي ڪاڇي ۾ هلندڙ جوا سميت ٻين برائين جو ڪوبه نوٽس نه ورتو ڪاڇي جي  ڪيترن ئي  ٿاڻن تي ايس ايڇ اوز غائب انتظام هيٺين عملي حوالي ٿيل هئڻ سبب سماجي برائين خلاف ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه اچي سگهي  ڪاڇي جي علائقي واسين آء جي سنڌکان گهر ڪئي ته دادو ضلعي ۽ ڪاڇي جي شهرن توڙن ٻھراڙين ۾ جوا سميت ٻين سماجي برائين خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان نسل کي بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو