ڪاڇي ۾ تلور جي شڪار لاءِ عربن جا راکا پهچي ويا

جوھي(ن سنڌيار)ڪاڇي ۾ تلور جي شڪار لاء عرب شڪارين جا راکا پهچي ويا آهن. واھي پانڌي ڀرسان نئين ڪڪڙاني ۽ نئين نلي ۾ تلور جي شڪار لاءِ راکن خيما کوڙي ڇڏيا , شڪار کان روڪڻ تي راکي سردارن جي ماڻھن پاران ڳوٺاڻن کي موتمار ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا , انھي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جنيد جمالي ۽ ٻين پنھنجن علائقن ۾ عربن جي راکن کي علائقن ۾ تلور جي شڪار کان روڪڻ تان راکي سردار جي ماڻھو احمد شھباز ڳوٺاڻن کي موتمار ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون , راکي سردار جي ماڻھن ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان تڪ جي ايم اين اي جا ماڻھو آھيون ان اسان کي موڪليو آھي, جڏھن ته ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جنيد جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان جون زمينون آھن, اسان جا ٻار ۽ عورتون لابارو ڪن ٿا, ۽ راکا فائرنگ ڪن ٿا , جنھن سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آھي, آخر ۾ ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي تلور جو شڪار روڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو