ڪاڇي جي نابين شاعر جي مالي سهائتا لاءِ اپيل

ڊرگھه بالا(رپورٽ جي ايم لنڊ بلوچ ) ڪاڇي جي شهر ڇني سان واسطو رکندڙ نابين شاعر طالب قمبراڻي چيو آهي ته ڪيسٽ جي زوال تي پهچڻ سبب ڦاقا ڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبورآهيان. سنڌيار سان ڳالهائيندي نابين شاعر طالب قمبراڻي چيو ته زندگي جي اڌ صدي شاعري کي ارپيندي گذاري آهي پيٽ پالڻ لاءِ ڪيسٽ وڪرو ڪندو آهيان، موبائيل فون ۽ ايم پي ٿري سميت ٻيون ڊوائيسزز اچڻ سان ڪيسٽ جو دور زوال ڏانهن ڌڪجي ويو آهي. هن چيو ته هاڻي سڄي ڏينهن ۾ هڪ به ڪيسٽ وڪرو نه ٿي ٿئي. هن چيو ته اديبن ۽ شاعرن جي سهائتا لاءِ ادارا ته جوڙيا ويا آهن پر انهن ادارن ۾ سفارشي اديبن جي سهائتا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ معذورن اديبن شاعرن جي پرگھور لهڻ وارو ڪوبه ناهي، مان ڪافي مرتبه تڪ جي پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، اوقاف کاتي جي وزير پير سيد غلام جيلاني، تعلقه جوهي جي ٽائون چيئرمين مجيد جمالي کي عرض ڪيو آهي ته مان نابين آهيان مونکي معذور ڪوٽا ۾ نوڪري ڏني وڃي ته مان باقي زندگي سٺي نموني گذاريان،  نابين شاعر طالب قمبراڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ثقافت کاتي جي وزير۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا منهنجي مالي سهائتا ڪري ڦاقاڪشي کان بچايو وڃي..

پهنجو تبصرو موڪليو