ڪامريڊ علي بخش جي پهرين ورسي، ڀيٽا پيش

ڳاڙھو (سلطان کٽي) سنڌ ترقي پسند پارٽي مرحوم اڳواڻ ڪامريڊ علي بخش لاشاري جي پهرين ورسي ڳاڙهو لڳ ڳوٺ الله بخش لاشاري ۾ ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳاڙھو باء پاس کان قافلي جي صورت ۾ ڳاڙهي شهر کان قافلي جي صورت ۾ مرحوم ڪامريڊ علي بخش لاشاري جي آخري آرام گاهه درگاهه پير ڀاون شاهه جيلاني پهتا.  جتي گلن جي چادر چاڙهي سنس مغفرت جي دعا گهري وئي.

Photo Sindhyar

جنهن کانپوءِ قافلا ڳوٺ الله بخش لاشاري پهتا جتي جلسو عام ڪيو ويو ننگر پڻ تسليم ڪيو ويو جلسي عام کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي عاشق سولنگي نصرت حسين چن شاهنواز سيال امتياز سمون جلال شاه ناٿو بروهي سينئر صحافي فيض سنڌي صحافي عزيز لاشاري ڪامريڊ عبدالله مرگهر عوامي تحريڪ جي رزاق چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو هنن چيو ته مرحوم ڪامريڊ علي بخش لاشاري هڪ ڪردار جو نالو هو جنهن هر قدم تي سنڌي قوم جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي پنهنجي قائد ڊاڪٽر قادر مگسي جي نظريي تي هلندي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ترقي پسند پارٽي ۾ رهي سنڌ جي حقن جي جھدو جهد ڪئي. اسان کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا انهي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻن غلام علي مگسي سيد غلام علي شاهه اسلم مهندو جميل سمون عمر ناهيو مشتاق مٺو لاشاري عيسي لاشاري عمر ناهيو علي محمد مالهيو ممتاز جت راجو قريشي  لاشاري برادري جي معززن رئيس سڪندر علي لاشاري حاجي عبدالرشيد لاشاري محمد عثمان لاشاري عوامي تحريڪ جي اسلم سمون صحافين حاجي سمن مرگهر بلوچ عبدالله راڻو غلام نبي خاصخيلي ماجد شبير ملاح علي رضا وڻجارو سلطان کٽي سماجي اڳواڻ عبدالغني عباسي نياز سومرو جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن ڪرم علي لاشاري عبدالرزاق لاشاري اسلم لاشاري حسيني بلوچ  پي ٽي آئي مصطفي چانڊيو نوجوانن اڳواڻن رئيس مرتضي لاشاري ديدار علي لاشاري سنڌ سلامت جا ساٿي سڪندر ميمڻ ۽ ٻيا مهراڻ ادبي سٿ جا ساٿي علي حسن خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پهتا ان کان علاوا مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين  شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو