ڪامريڊ امر لال جي والده فوت، آخري رسمون اڄ ادا ٿينديون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي اسپيشل اسسٽنٽ ڪامريڊ امر لال جي والده فوت ٿي وئي. سندس آخري رسمون خميس تي ڪراچي ۾ ادا ڪيون وينديون جڏهن ته ٽيجهو  خميس تي شام 5 وڳي کان 7 وڳي تائين برج ويو ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ رکيو ويو آهي. ڪامريڊ امر لعل ڄام ساقي ڪيس ۾ جيل به ڪاٽيو ۽ 1982 ۾ فوجي عدالت ۾ سندس ڪيس هليو. ان ڪيس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، غوث بخش بزنجو، خان عبدالولي خان ۽ مولانا شاهه محمود امروٽي سندس دفاع جا شاهد هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو