ڪالج مان سنڌ جو نقشو ڊاهڻ خلاف احتجاج، انتظاميا جي مذمت

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ڊگري ڪاليج مان سنڌ جو نقشو ڊاهڻ خلاف جسقم ۽ جساف طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسقم ۽ جساف بشيرخان قرشي گروپ جي ڪارڪنن  طرفان ڪاليج کان پريس ڪلب تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ديشي باجڪاڻي، رفيق ميراڻي، محسن سهرياڻي، حفيظ سنڌي ۽ ٻين میڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊگري ڪاليج مان انتظاميا سنڌ جو نقشو ڊاهي سنڌ سان نا انصافي ڪئي آھي اسين ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا۔

پهنجو تبصرو موڪليو