ڪاغذ نه پهچڻ ڪري خورشيد شاهه جي ضمانت واري ٻڌڻي ملتوي

سکر (جئيرام داس بختيارپوري) پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪاغذ نه پهچڻ سبب ملتوي ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ نيب هٿان گرفتار پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان دستاويز نه پهچڻ سبب ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته هُنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪا سرڪٽ بئنچ سکر منتقل ٿي. واضح رهي ته خورشيد شاهه چئن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي. ان کان اڳ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي طرفان درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪئي وئي هئي هاڻي 29 جنوري تي جسٽس عزيز الرحمان ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل اسپيشل بئنچ ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو