ڪار ڪلٽي جيڪب آباد واسي پوليس اهلڪار فوت 5 زخمي

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)سن ڀرسان روڊ حادثو پوليس اهلڪار فوت عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ شالماڻي انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد جو رهواسي پوليس جمعدار 40 ورهين جو انور علي ڀٽو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ساڻس گڏ مسمات فهميده  مسمات روزينه مسمات نذيران ۽ 10 ورهين جي ٻارڙي انمول ۽ ميرحسن زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن هيلٿ سينٽر سن منتقل ڪيو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. وڏا ڇڇر پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو