ڪارڊ اسانجا سولر ۽ پکا مائٽن ۾ تقسيم، معذورن جو احتجاج

هالاڻي(طارق سهتو) ڳوٺ اڻندو جي رهواسي معذورن جو ٽئين ڏينهن به ٽائون ڪاميٽي هالاڻي جي ڪائونسلر زاهد ٻانڀڻ خلاف بيواهه حيات خاتون، مسمات رحيمان، گل بهار خاصخيلي، عبدالطيف خاصخيلي، عبدالغني، محمد اسحاق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سندس خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي انهن چيو ته اسان جي وارڊ جي ڪائونسلر زاهد ٻانڀڻ ٽائون چيئرمين سان گڏجي علائقي جي من پسند ماڻهن ۾ سولر پليٽون ۽ پکا تقسيم ڪيا اسان غريبن کان ڪارڊن جون ڪاپيون به ورتائون ان باوجود نظرانداز ڪيو ويو آهي اسان غريب مسڪين آهيون گهر جي چلهه به مشڪل سان هلي ٿي پر چيئرمين ۽ ڪائونسلر سکين ستابن ماڻهن ۾ سولر پليٽون ۽ پکا ورهايا آهن، جيڪا غريبن سان سراسر ناجائزي آهي انهن مطالبو ڪيو ته چيئرمين اسان غريبن جي سار لهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو