ڪارو ناڻو سفيد ڪريو آخري موقعو اٿو، وزيراعظم جو قوم کي چتاءُ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو وٺي ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍو. قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته ايمنسٽي اسڪيم کڻي آيو آهيان، عوام اثاثا ظاهر ڪري اسڪيم مان فائدو وٺي، ڇاڪاڻ ته عوام جي مدد سان ئي قرضن جي ڌٻڻ مان نڪري سگهون ٿا ۽ عوام کي غربت مان به ڪڍي سگهون ٿا. عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي ايندڙ پنجن سالن دوران ساڍا 5 هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن. اسان 8 هزار ارب تائين ٽيڪس اوڳاڙي سگهون ٿا. رڳو عوام جي مدد گهرجي.هن چيو ته عوام ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو وٺي، مان نه ٿو چاهيان ته ماڻهو پريشانين کي منهن ڏين، ايف بي آر وٽ سموري ڊيٽا موجود آهي. وزيراعظم عوام کي پيغام ۾ اهو به چيو ته ڪرپشن ڪندڙن کي ته ڇڏڻو ئي ناهي، ڪرپشن جي پرواهه نه ڪريو، هاڻي ٽيڪس چورن کي پڪڙڻو آهي. هن چيو ته بي نامي ملڪيت جا تفصيل به گڏ ڪري ورتا آهن 30 جون کان پوءِ ڪاروائي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو