ڪارنهن معاملي تان ٻن سڳن ڀاثرن سميت 3 ڄڻا قتل

ڳڙهي خيرو (ن سنڌيار)ڪارنهن معاملي تان ڳوٺ قائم مندراڻي تي ھٿياربندن جو حملو ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ حق نواز مندراڻي سندس ڀاءُ غلام مصطفي مندراڻي ۽ ھڪ مائٽ قادن خان مندراڻي موقعي تي قتل ٿي ويا. واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس ٽنھي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منقتل ڪيا جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول ڌر جو پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن سان ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھو.جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو