ڪارنهن جي شڪ ۾ مڙس هٿان نوجوان زال قتل

مانجهند(ن سنڌيار) کاڻوٺ لڳ ڳوٺ فقير داد کوسو ۾ مڙس پنهنجي نوجوان زال کي ڪارنهن جي شڪ تي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش مانجهند کڻي وياسين پر تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري کيس ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو. امام علي کوسو پنهنجي 22 ورهين جي زال زليخان کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو. مارجي ويل عورت جي ڏير پاران ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو