ڪارنهن تڪرار جو نبيرو، 30 لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ٻٻر برادري جي سردار ياسر خان ٻٻر  جي ڪوششن سان قتل ٿيل منير جي وارثن ابوبڪر ۽ قاتل ڌُر جي ماڻھن کي فيصلي تي راضي ڪري ڪاڇي ۾ لنڊ برادري جي چڱي مڙس رئيس پياروخان لنڊ جي سرپئنچي ۾ مقتول منير ٻٻر جي خون واري فيصلي جي فتوا ٻُڌائي وئي جنهن ۾ قاتل ڌُر جي ماڻھن تي ٽيهه لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو. سردار ياسر خان ٻٻر ۽ رئيس پيارو خان پاران ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوء دائود ٻٻر ۽ نظام ٻٻر واري ڌر تي نوجوان منير جو خون ثابت ٿيڻ  تي ٽيهه لک روپيه ڏنڊ وڌو جنهن بعد ڌرين کي کيرکنڊ ڪرائي ڀاڪر پارايا ويا,ڏنڊ جي رقم ٻن مهينن اندر ادا ڪئي ويندي جنهن بعد خون جي الزام ۾ آيل ڌُر تان ڪيس ختم ڪرايا ويندا فيصلي دوران ٻنهي ڌُرين جا وڏي انگ ۾ ماڻھو پڻ  موجود هئا

پهنجو تبصرو موڪليو