ڪارنهن تڪرار تان پيءُ پٽ مرڻينگ، جوابدار فرار

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) جمال ٿاڻي جي حد جي علائقي لشڪر خان لاڙو ڀرسان پراڻي ڪارنھن تڪرار تان بھلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو،موٽرسائيڪلن تي سوار 6 ھٿياربندن چوپائي مال جي واپاري بنگل ۽ سندس پٽ مشتاق بھلڪاڻي کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا. لونگ بھلڪاڻي۽ عارب بھلڪاڻي ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ڪارنھن تڪرار ھلي رھيو ھيو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان وقفي وقفي سان حملا به ڪيا هئا. اڄ صبح جو چوپائي مال جا واپاري بنگل ۽ سندس پٽ مشتاق مال پڙي تي وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن سندن رستو روڪي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي کين موبائيل ۾ کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر آندو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيئي حالت نازڪ ھجڻ سبب رحيم يار خان موڪليو ويو. جمال پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو