ڪارنهن الزام ۾ ناري گهٽا ڏئي قتل، والد ۽ چاچي تي ڪيس داخل

بخشاپور(سھيل جان ڊومڪي) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير گولو ۾ جوابدار احمد نواز گولو،پنهنجي ڀاء سان ملي  پنهنجي 25 ورھين جي نوجوان نياڻي  مسمات ڪمالان خاتون کي ڪارنھن الزام ھيٺ گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء ڪشمور جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار پنهنجي نوجوان ڌيء کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجو گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بخشاپور منظور لغاري ٻڌايو ته  سرڪار جي مدعيت ۾ جوابدار احمد نواز گولو ۽ سندس جي ڀاء محمد بخش گولو مٿان عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو ڪيس بخشاپور ٿاڻي داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو