ڪارنهن الزام ۾ عورت قتل، وارثن جو ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ڳوٺ ولو مهر ۾ 6 مهينا اڳ شادي ڪندڙ 26 سالن جي عورت رخسانه شيخ کي ڪارنهن الزام هيٺ مبينا پنهجي مڙس عبيدالله مهر ۽ ٻين پسٽل جا فائرڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي بعد ناري جي وارثن پاران مير محمد شيخ، قلندر بخش شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس ميرپور ماٿيلو آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ڪري گاڏين جي اچ وڃ رڪجي وئي.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پوليس ڄاڻايل جوابدارن کان رشوت وٺي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڊي سي پي اوٻاوڙو،ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو،ايس ايڇ او سرحد ۽ ٻيا پوليس آفيسر پهچي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو