ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش

ڳڙھي خيرو(جاويد لغاري) ڳوٺ محمد خان جمالي ۾ فقير محمد بروھي پنهنجي ڌي مسمات صوبيا کي نوجوان صابر جمالي سان ڪارنھن الزام ھيٺ بندوق سان فائر ڪري ٻنهي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملندي پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاء تعلقي اسپتال آندا. جڏهن ته  ڳڙھي خيرو تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ جيڪب آباد روانو ڪيو ويو. ٻئي طرف جوابدار فقير محمد بندوق سميت پاڻ کي  پوليس حوالي ڪيو ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو