ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي ڊپ کان ناري ٿاڻي پهچي وئي

مبارڪپور( رپورٽ محمد عثمان مھر ) ڳوٺ عبدالجبار بروھي ۾ ڪارنھن الزام بعد مرڻ جي خوف کان شادي شده ناري امام زادي زال صفي الله بروھي مبارڪپور ٿاڻي تي پھتي، جتي مبارڪپور پوليس پاران ناري کي سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو، جتي ناري پاران والدين سان وڃڻ جو بيان ڏنو، ھوڏانھن ڪارنھن الزام مڙھڻ بعد ڳاڙھي ڌر پاران الزام ھيٺ آيلن جي ڳوٺ شاھنواز بروھي تي حملو ڪيو، جتي جھيڙي بعد بندوق لڳڻ سبب 2 ڄڻا محمد قاسم بروھي ۽ دين محمد بروهي زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال جيڪب آباد نيو ويو، محمد قاسم کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جيڪب آباد ان لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو