ڪارنهن الزام هيٺ بي گهر ڪيل عورت جو انصاف لاءِ احتجاج

ڪشمور(رپورٽر اصغر علي چانڊيو ) عيد گاهه محلا واسڻ 2 مھينن جي ٻار جي ماءُ مسمات غنويٰ ڪلوڙ مٿان ڪارنھن تھمت مڙھي  مڙس نبيل ملڪ تشدد جو نشانو بڻائي تازو ڄاول 2 مھينن جو پٽ کسي گھران نيڪالي ڏئي ڇڏي، متاثر عورت جو ماءُ ۽ ڀيڻين سميت احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. غنويٰ چيو ته مون مٿان پنھنجي ڀائرن جھڙي سئوٽ سان ڪوڙي ڪارنهن جي تھمت مڙھي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي  منهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ کي به ڌڪ هنيا ويا آهن. ڪشمور پوليس سان گڏجي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهر وياسين ته اتي پوليس جي موجودگي ۾ مڙس ۽ ڏيرن موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ گٿا الفاظ ڳالهائيندا رهيا تنھن ھوندي به ڪشمور پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ۽ منهنجو 2 مھينن جو ٻار به انهن وٽ آهي جيڪو کير پياڪ آهي متاثر عورت وڌيڪ چيو ته ڪشمور ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي پر ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او منظور لغاري جوابدارن جي ونگار وھي رهيو آهي متاثر عورت مسمات غنوي ڪلوڙ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کان تحفظ فراهم ڪرائي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي پنهنجي گهرواري مٿان ڪارنھن تھمت مڙھي گھران نيڪالي ڏيندڙ نبيل ملڪ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي رابطو نه ٿيڻ ڪري ان جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو