ڪاررواين کان نٿا ڊڄون، جدوجهد جاري رهندي،ڪالاڻي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جسقم جي سينيئر اڳواڻَ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسان رينجرز ۽ ادارن جي اهڙين ڪاررواين کان هيسجڻ يا ڊڄڻ وارا ناهيون، اهڙيون ڪارروايون اسان کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿيون سگهن، پر امن سياسي جدوجهد کان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿينداسين، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙين ڪاررواين جي ڪري مايوس نه ٿينداسين، سنڌ جا قومي ڪارڪن اهڙي عمل خلاف ڀرپور آواز اٿارين، قومي اڳواڻن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون توڙي سنڌ مخالف منصوبن خلاف جدوجهد جاري رهندي، جلد تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو