ڪاربان فري ’سائو گاسليٽ‘ جرمني ۾ پيداوار شروع

فرينڪفرٽ(ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ ڪاربان فري گاسليٽ پيدا ڪرڻ لاءِ لڳايل پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي. هن پلانٽ مان پيدا ٿيندڙ ڪاربان فري گاسليٽ کي ’سائو گاسليٽ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.’ ايٽماسفيئر‘ نالي غيرمنافع بخش تنظيم  جي هن پلانٽ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته جرمني پهريون ملڪ آهي جتي ڪاربان نيوٽرل آئل پيدا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ جرمني جي قومي ايئرلائن لفٿنسا سان معاهدو ڪيو ويو آهي ۽ 5 سالن تائين هو ڪاربان فري آئل خريد ڪندا. اسين چاهيون ٿا دنيا ۾ ايئرلائينب ڪاربان فري فيول استعمال ڪن ته جيئن فضا ۾ ڪاربان کي گهٽ ڪري سگهجي. دنيا ۾ 2 سيڪڙو ڪاربان ايئرلائين پيدا ڪنديون آهن. اليڪٽرو لائسس ذريعي هائيڊروجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪو فضا ۾ موجود آهي، ان مان ۽ بايو گيس پلانٽ مان هي مصنوعي طور تيار ٿيندڙ سائو گاسليٽ پيدا ٿيندو. هن جي لاڳت عام گاسليٽ جي پيداوار کان ڏهوڻ تي مهانگو آهي، روزانو في الحال هڪ ٽن ڪاربان فري تيل پيدا ٿيندو. نئين فيول جي پيداوار 2022 جي آخري ڇهه ماهي ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو