ڪابينا ۾ ڦير ڦار، اسڪور ففٽي کان وڌي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر جو عهدو تبديل ڪندي کيس احتساب ۽ گهرو کاتي جو صلاحڪار بڻايو ويو. موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم کي ساڳئي کاتي جو خاص معاون مقرر ڪيو ويو. ڪابينا ڊويزن مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جنهن موجب ٻنهي جا عهدا وفاقي وزير جي برابر هوندا. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ننڍي ڪابينه رکڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي سندس اسڪور ففٽي کان وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو