ڪابينا ۾ واپسي، ايم ڪيو ايم 4 مطالبا حڪومت سامهون رکي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي پرچائڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪندي خالد مقبول صديقي کي ٻيهر ڪابينا ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد انهن کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پي ٽي آءِ وفد سينئر اڳواڻ جهانگير ترين جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد پهتو. وزير دفاع پرويز خٽڪ، وفاقي وزير اسد عمر، سنڌ اسيمبلي ميمنبر فردوس شميم نقوي به ساڻس گڏ هيا. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم طرفان خالد مقبول صديقي، عامر خان، ڪنور نويد جمل ۽ فيصل سبزواري سميت ٻيا اڳواڻ موجود هيا. رپورٽ مطابق ايم ڪيو ايم حڪومتي وفد سامهون 4 اهم مطالبا سامهون رکيا جن ۾ حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو قيام، حيدرآباد لاءِ ترقياتي بجيٽ، ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جو پيڪيج تي عمل ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جا بند پيل دفتر کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ملاقات دوران جهانگير ترين ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا مسئلا اهم آهن اسان چاهيون ٿا ته توهان سان گڏجي ملڪ ۽ ڪراچي جي خدمت ڪيون.  پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان کي وزيراعظم خصوصي طور موڪليو آهي. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي ڳالهائيندي چيو ته ڪابينا ۾ واپسي وڏو مسئلو ناهي اسان جا مسئلا اهم آهن. ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزير دفاع پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي هدايتن تي سڀني اتحادين سان ملاقاتون ڪري رهيا آهيون. ايم ڪيو ايم ۽ اسان پهرين به اتحادي هياسين هاڻي به آهيون ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين اسلام آباد ۾ جلد اسان جي ٻيهر ملاقات ٿيندي جنهن ۾ سڀني معاملن تي ڳالهايو ويندو اسان اتحادين سان گڏجي 5 سال پورا ڪنداسين. خالد مقبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سان اتحاد وقت ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي مسئلن سميت ملڪي مسئلن بابت پي ٽي آءِ کي آگاهه ڪيو هو جن تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو پر گذريل 11 سالن ۾ سنڌ جي شهري علائقن سان معاشي دهشتگردي ڪئي وئي آهي جنهن سبب علائقن جي حالت تمام خراب آهي. 18هين ترميم مطابق سڄو سسٽم هيٺ تائين اچڻو هو ان تي عمل نه ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وفد سان معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ضروري آهي ته ترقياتي ڪم ڪاغذن کان نڪري محلن، گهٽين ۽ روڊ رستن تي نظر اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان چاهيون ٿا ته عوام کي رليف ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو