ڪابينا ڪشمير تناظر ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تجارت جي وفاقي وزارت ڀارت سان هر قسم جو واپار معطل ڪرڻ جو نوٽفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تاحڪم ثاني پابندي برقرار رهندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪشمير صورتحال بعد پارليامينٽ جي منظور ڪيل ٽهراءَ، قومي سلاميت ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. سلامتي ڪاميٽي ڀارت سان ٻه طرفي تجارت معطل ڪرڻ، سفارتي لاڳاپا گهٽائڻ، ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي ملڪ بدر ڪرڻ سميت اهم فيصلا ڪيا هئا. جن کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. تجارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ان فيصلي سان ڪو خاص فرق نه پوندو چو ته ٻنهي ۾ ڪل تجارت اڍائي ارب ڊالر جي ٿيندي آهي، پاڪستان سيمينٽ، فرٽيلائيزر، ڪيميڪل ۽ چمڙي جون شيون وغيره موڪليندو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته هي سياسي ڪاوڙ جو اظهار آهي جيڪو ڪشميرين جي جدوجهد لاءِ اخلاقي مدد طور ضروري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو