ڪابينا ميڊيڪل ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي شرح 50 سيڪڙو ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سال 2020-2021 لاءِ سنڌ ڪابينا ڊاڪٽرن جي داخلا لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ (ايم ڊي سي اَي ٽي) ۾ ڪاميابي جي شرح 65 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ صحت کاتي پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم سي جي 2020 واري قانون جي سيڪشن 18(3) موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل پروگرام لاءِ داخلا جو اختيار صوبن کي آهي، قانون ۾ پاس يا فيل ڪرڻ بابت مارڪن جي سرح جو ذڪر ئي ناهي، پي ايم سي آڪٽوبر 2021 ۾ مختلف تاريخن تي وفاقي ڪريڪيولم هيٺ امتحان ورتا، جنهن سبب سنڌ جا شاگرد متاثر ٿيا، گذريل سال ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جو پيمانو 60 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻ هو، هن سال 65 سيڪڙو ڪيو ويو، گذريل سال 8287 يعني 32.8 سيڪڙو شاگرد ڪامياب ٿيا، هن سال 7797 يعني 22.4 سيڪڙو شاگرد پاس ٿيا، سنڌ ۾ ميڊيڪل جون ڪل سيٽون5490 آهن، جن ۾ گذريل سال جي پاس ٿيلن مان 2900 ڪامياب ٻارن سرڪاري ادارن ۾ داخلا ورتي هئي. باقي 5387 ٻارن مان 800 بجي تعليمي ادارن ۾ داخلا ورتي جڏهن ته 4587 ٻارن ڪٿي به داخلا نه ورتي، نجي ادارن 1300 ٻين صوبن جي ٻارن کي داخلا ڏني، ان باوجود به 492 سيٽون خالي رهيون، جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن هليو ته 5 سالن ۾ 10 هزار ڊاڪٽرن جي کوٽ ٿيندي.سنڌ ڪابينا کي صحت واري وزير ۽ وائيس چانسلرز ٻڌايو ته هنن اهڙي درخواست پي ايم سي کي موڪلي پر هنن ڪو جواب ناهي ڏنو، ان ڪري سنڌ ڪابينا پاسنگ مارڪس 65 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 50 سيڪڙو ڪئي وڃي، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي. 

پهنجو تبصرو موڪليو