ڪابينا جي پگهار بند ڪرڻ بعد پينشرن کي رقم جاري

سکر(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن کي پينشن نه ملڻ وارو معاملي جي ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي پينشن واري رقم جاري ڪري ڇڏي آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع محمد چانڊيو عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري ڪئي وئي آھي، عدالت رٽائرڊ ملازمن کان پڇيو ته ڇا توھان کي پينشن جي رقم ملي آھي، جنهن تي هنن چيو ته جي اسان کي پينشن واري رقم جا چيڪ ملي ويا آھن، واضح رهي ته عدالت سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جي پگھار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جاري ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته هاڻي سنڌ ڪابينا، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زراعت جون به پگھارون جاري ڪيون وڃن، شفيع محمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي رٽائرڊ ملامزن کي پينشن جي مد ۾ 6 ڪروڙ روپيا جاري ڪي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو