ڪابل ۾ هزارين ماڻهو احتجاج ڪندي روڊ تي نڪري آيا

ڪابل( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هزارين ماڻهو جن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون به شامل آهن، احتجاج ڪندي روڊ تي نڪري آيا آهن. بي بي سي جي يلدا حاڪم هڪ ويڊيو ٽوئٽر تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ سوين ماڻهو گادي واري شهر ۾ احتجاج ڪندي نظر اچن پيا.

15 آگسٽ تي ڪاب تي طالبان جي قبضي کانپوءِ گادي واري شهر ۾ هي پهريون وڏو عوامي احتجاج آهي. ان کان اڳ هرات، ڪابل، جالاق آباد ۽ مزار شريف ۾ عورتن پاران احتجاج رپورٽ ٿيا هئا. هي احتجاج پنجشير تي طالبان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي ٻئي ڏينهن تي سامهون آيو آهي.

Photo Twitter

جڏهن احمد مسعود طالبان خلاف ملڪي سطح تي عوام کي بغاوت جي اپيل ڪئي آهي. هن احتجاج بابت اهو واّح ناهي ته هي احمد مسعود جي اپيل تي ٿيو آهي يا ماڻهو پنهنجي طور تي نڪتا آهن.طولو نيوز موجب  جلوس ۾ پاڪستان خلاف نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

Photo Twitter

پهنجو تبصرو موڪليو