ڪابل ۽ هرات ۾ احتجاج، چين پاران طالبان سان رابطن جو اعلان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)هڪ پاسي ڪابل ۽ هرات ۾ عورتن جلوس ڪڍي طالبان حڪومت خلاف احتجاج ڪيو آهي ته ٻئي پاسي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن چيو آهي ته چين  افغانستان جي خودمختياري ، آزادي ۽ سالميت جو احترام ڪري ٿو . عبوري حڪومت جو قيام امن امان جي قيام ۽ جنگ بعد ترقي لاءِ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن بيجنگ هفتيوار بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو.

هن چيو ته هو افغانستان جي نئين حڪومت ۽ اڳواڻن سان رابطي لاءِ تيار آهن. ان کان اڳ امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طالبان جي عبوري حڪومت جي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته طالبان کي سندن ڳالهين سان نه پر انهن جي عملن سان پرکيو ويندو. ياد رهي ته افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جي نمائندن جو ورچوئل اجلاس ٿيو آهي. جنهن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال پيچيدو آهي، اهم ڳالهه اها آهي ته سڀني جا اندازا غلط نڪتا، خانه جنگي جو خطرو ٽري ويو، وڏي پيماني تي اڃا تائين پناهگزين ڪو نه نڪتا ۽ اسانکي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻا پوندا. هوڏانهن ايران طالبان جي عبوري حڪومت ۾ رڳو طالبان کي شامل ڪرڻ ۽ وسيع البنياد حڪومت قائم نه ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو