ڪابل هوائي اڏي ٻاهران ٻن خودڪش ڌماڪن ۾ 90 فوت 150 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) هوائي اڏي جي ٻاهران 2 زوردار ڌماڪن ۾ 13 آمريڪي فوجين سميت 90 ڄڻا فوت ۽ 150 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، فوتين ۽ زخمين ۾ ٻار به شامل آهن، البان جو چوڻ آهي ته سندن 28 جنگجو به مارجي ويا آهن. هوائي اڏي تي موجود هزارين ماڻهن ۾ افراتفري مچي وئي. داعش ذميوري قبولي ورتي آهي.

Photo courtesy BBC

ڌماڪو اَبي گيٽ واري پاسي ٿيو آهي جنهن بعد فائرنگ جا آواز به آيا. ٽن گيٽس واري حامد ڪرزئي ڪابل انٽرنيشنل ايئپورٽ جو ابي گيٽ واري پاسي برطانوي فوجي ڪم ڪري رهيا هئا. حملي جي اطلاعن بعد ٽئي گيٽ بند ڪيا ويا هئا. رائٽر اميرڪي فوجي ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته حملو خود ڪش هو.

صحافي بلال سروري جيڪو چند ڏينهن اڳ ڪابل ڇڏي پرڏيهه هليو ويو هو سندس چوڻ آهي ته ٻن حملا آورن حملو ڪيو هڪ خود ڪش هو جنهن پاڻي جي نيڪال واري واهه واري پاسي جتي ويزا جي تصديق ڪئير ويندي آهي ان جاءِ تي پاڻ کي اڏايو آهي جنهن بعد ٻئي حملا آور فائرنگ شروع ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو