ڪابل مان آخري امريڪي فوجي جٿو اڌ رات روانو، طالبان جو جشن

ڪابل(ويب ڊيسڪ) امريڪي فوج جي ڊيڊ لائن جي آخري ڏينهن اڌ رات سمورا فوجي 20 سالن بعد افغانستان مان نڪري ويا، پينٽاگون پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايئرفورس جي سي 17 جهاز ۾ شنوڪ هيليڪاپٽر ۽ فوجي فجر مهل 3.30 تي ڪابل مان اڏام ڀري ملڪي تاريخ جي ڊگهي ۾ ڊگهي جنگ ختم ڪئي.

Photo by US Defense Department

ان موقعي تي صدر جو بائيڊن قوم کي خطاب نه ڪيو رڳو بيان جاري ڪري اميرڪي فوج جي تعريف ڪئي آهي. طالبان فورسز ڪابل هوائي اڏي جو انتظام سنڀالي ورتو آهي.

طالبان وڏي پيماي تي هوائي فائرنگ ڪري پرڏيهي فوج جي نڪرڻ تي ڀرپور خوشي ملهائي. جنرل فرينڪ ميڪنزي جيڪو ان سموري عمل جي نگراني ڪري رهيو هو تنهن چيو اآهي ته اسين هڪ لک 23 هزار شهرين کي محفوظ جاين تي پهچايو آهي.

هن چيو ته 2001 ۾ افغانستان ۾ اچڻ کان وڄي 20 سالن ۾ 2400 اميرڪي فوجي مارجي ويا ۽ اهو اسان لاءِ وڏو نقصان آهي. امريڪي دفاع اري کاتي پاران جهاز ۾ سوار ٿيندڙ آخري سپاهي جي تصوير به شيئر ڪئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.

ياد رهي ته گذريل هفتي ڪابل هوائي اڏي تي داعش پاران ڪيل ٻن خودڪش حملن ۾ 170 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ ٻن عورتن سميت 13 اميرڪي فوجي به شامل هئا. جن جا لاش سرڪاري اعزاز سان گذريل ڏينهن وارثن حوالي ڪيا ۽ تقريب ۾ صدر جو بائيڊن به شريڪ ٿيو. اميرڪا جي تاريخ ۾ هي چوٿو صدر آهي جنهن مري ويل فوجين جي سرڪاري طور منعقد ڪيل ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو