ڪابل حڪومت سازي ۾ اهم پيش رفت ڪنهن به وقت اعلان متوقع

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل ۾ قومي حڪومت  ٺاهڻ لاءِ صلاح مشورا آخري مرحلن طالبان جو شريڪ باني ملا برادر ڪابل پهچي ويو، اهم اڳواڻن سان رابطن بعد اطمينان جو اظهار ، ڪنهن به وقت اعلان متوقع آهي. ٻئي پاسي افغانستان جي پنجشير صوبي ۾ جنگ جو خطرو ٽري ويو  ۽ اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود ، طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

Screen shot

طالبان پاران ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد افعانستان جي نائب صدر امر الله صالح سميت ڪيترائي مخالف پنجشير وادي ۾ پهچي ويا هئا. پنجشير صوبي ۾ ، جيڪو ھن وقت تائين ناقابل تسخير سمجھيو ويندو ھو ، اتي طالبان جي خلاف سخت مزاحمت جو خطرو موجود ھو. احمد شاهه نه رڳو ويڙهه جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي پر امريڪا کان مدد پڻ طلب ڪئي هئي. بهرحال ، تازين رپورٽن مطابق ، احمد مسعود ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ هن طالبان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو