ڪئنالن تي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن دوران چڪريون، شيلنگ، لٺبازي

سکر (جيرام داس ) ڪئنالن تي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، رهواسين ۽ انتظاميا ۾ چڪرين دوران پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي. مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ سبب ايس ايس پي عرفان سمو به واپس هليو ويو. سکر ميونسپل انتظاميا ۽ آبپاشي عملي ڳري مشينري ذريعي ڪئنالن تان غيرقانوني اڏاوٽون هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو جنهن دوران رهواسين مزاحمت ڪئي ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. انتظاميا پوليس نفري طلب ڪئي ته مڇريل ماڻهن عملي ۽ پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪري ڏنو. جڏهن ته پوليس کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙا گئس جو استعمال ڪيو ۽ شهرين تي لٺبازي ڪئي وئي. ڇڪتاڻ دوران ڪجهه عورتون ۽ ٻار به بيهوش ٿي ويا.

ڪئنالن تي قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن خلاف مقامي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ عورتن توڙي ٻارن سوڌو احتجاجي مظاهرو ڪيو. پوليس اهلڪار عورتن ۽ ٻارن تي به لٺيون وسائيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪار 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي کنڀي کڻي ويا. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان قبضا هٽائڻ کان اڳ متبادل جاءِ مهيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر ان تي عمل ڪرڻ کانسواءِ اسان جا گهر ڊاٺا پيا وڃن. ٻئي پاسي انتظاميا جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي ڪئنالن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سکر جي دادو ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال تي 5هزار کان وڌيڪ گهر آباد آهن، بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جي ڪنارن تي قائم آباديون هٽائڻ لاءِ انتظاميا طرفان آپريشڻ ڪيو پيو وڃي. رهواسين طرفان بئراج تي ڌرڻو هنيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو